تعمير ماهوار ڪراچي

تعمير، ماهوار ڪراچي (رسالو ):هيءُ رسالو سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سهڪار هيٺ جناح ڪورٽس ڪراچيءَ مان آڪٽوبر 1947ع کان نڪرڻ لڳو. ”معمار“ رسالي جو ايڊيٽر هو. هن رسالي ۾ عام خبرون ۽ خاص ڪري شاگردن جي رهنمائيءَ لاءِ مواد شايع ٿيندو هو. هن رسالي جو روح روان محمد شفيع انصاري هو، جيڪو هن فيڊريشن جو جنرل سيڪريٽري به هو. رسالي جو پهريون پرچو ”پاڪستان نمبر“ نڪتو، جيڪو سنڌي ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ هو. هي رسالو الوحيد پريس ڪراچيءَ، ۾ ڇپبو هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو